تذڪره مشائخ سيوستان

تذڪره مشائخ سيوستان (ڪتاب ):سيوهڻ، مغلن جي دور ۾ هڪ اهم سياسي، سماجي ۽ علمي مرڪز رهيو آهي. . ان دور ۾ هتي پيدا ٿيل فارسي ادب جو هڪ اهم مثال هيءُ تذڪرو آهي، جيڪو عبدالغفور بن حيدر سيوهاڻيءَ، ديندار خان لاءِ، سال 1039هه/ 1629ع ۾ لکيو. هي مختصر ڪتاب سيوهڻ جي صوفين بابت آهي. پير حسام الدين راشديءَ هن مختصر ڪتاب کي ترتيب ڏنو ۽ ان ۾ مقبرن جو احوال، حاشيا، نقشا ۽ تصويرون. ڪتاب جي فارسي متن سميت اپريل 1974ع جي ’ٽه ماهي مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيا؛ بعد ۾ نياز همايونيءَ ان جو سنڌي ترجمو ڪيو، جيڪو پڻ ساڳئي رسالي ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو